منهنجي باري ۾

منهنجو نالو فرخ ملڪ آهي.هونءَ ته منهنجو پيشو ڊاڪٽري آهي پر ادب سان منهنجو رشتو تمام گهرو آهي ۽ ان ۾ منهنجي خاندان جو بنيادي ڪردار آهي. ها مونکي ياد آهي ته ننڍپڻ کان ئي منهنجي سنگت ڪتابن سان ٿي وئي هئي ان جو سبب منهنجي پياري چاچي مختيار ملڪ (جيڪو، منهنجي نظر ۾ سنڌيءَ جو ٻهڳڻو اديب آھي) جي لائيبريري هئي. مونکي اهو به ياد آهي ته مان ”يسوع مسيح“ نالي ڪتاب، جيڪو سائين محمد ابراهيم جويي جو ترجمو ڪيل آهي،  چاچو جي سيف مان لڪائي کڻي ورتو هو ۽ جڏهن اهو پڙهي پورو ڪرڻ وارو هيس ته چاچو مختيار کي خبر پئجي وئي هئي. چاچوءَ پوءِاُن ڪتاب جي باري ۾ ڪجھ سوال ڪيا هئا ۽ مونکي چآچوءَ جي لائيبريري استعمال ڪرڻ جي مڪمل اجازت ملي وئي هئي. اهڙيءَ ريت منهنجو ڪتابن سان هڪ مضبوط رشتو جڙي ويو هو جيڪو اڄ سميت قائم آهي.                                                                                                                         

ڪتابن جي سنگت مونکي گهڻو ڪجھ آڇيو آهي. ڪجھ سال اڳ جي ڳالھ آهي ته سائين محمد ابراهيم جويي کي هڪ ذاتي گڏجاڻيءَ ۾ چوندي ٻڌو هيم ته جيڪو پڙهي ٿو ۽ لکي نه ٿو اُهو پڙهي نٿو ساڳي ريت جيڪو لکي ٿو ۽ پڙهي نٿو اُهو لکي نٿو. مون سان به ايئين ئي ٿيو، مان پڙهندي پڙهندي پنهنجن احساسن کي لفظن جو ويس پارائڻ لڳس ۽ ان مرحلي تي به منهنجي چاچي يعني مختيار ملڪ منهنجي سرپرستي ڪئي.                                                                  

گهر کان ڪيڊٽ  ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ ڪيڊٽ  ڪاليج لاڙڪاڻي کان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي تائين جو سفر منهنجي لاءِ تمام اهم ثابت ٿيو.ڪيڊٽ  ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پرنسيپل ايس ايم يوسف هڪ ادب دوست ۽ ادب پرور قسم جو ماڻهو هو جنهن جي سرپرستيءَ هيٺ ادبي سرگرميون پيون هلنديون هيون. ان سٿ ۾ منهنجو محترم استاد سائين انيس گل عباسي پڻ هوندو هو. انهن محترم استادن جي همٿ افزائيءَ مون ۾ حوصلو پيدا ڪيو ۽ مان ادبي کيتر ۾ قدم اڳتي وڌايا. ان کان پوءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي دوران سنڌي ادبي سنگت سنڌ، شاخ چانڊڪا ۾ پهريان ميمبر ۽ پوءِ سيڪريٽري ٿيس. چانڊڪا ۾ پنهنجي سيڪريٽري هجڻ واري دور ۾ ”وک“ نالي هڪ سلسليوار  ادبي پرچي جي اشاعت شروع ڪئي ۽ لکڻ پڙهڻ سان منهنجو رشتو اڃان به مضبوط ٿيندو ويو. ادبي سفر جيڪو مون ڪتاب پڙهڻ سان شروع ڪيو هو سو جاري رهندو پيو اچي.                         

هن مهل تائين مختلف ادبي رسالن ۾ منهنجون ڪهاڻيون، نثري شاعري ۽ پرڏيهي ادب مان ترجمو ڪيل مواد ڇپجي چڪو آهي. انهن رسالن ۾ مک ماهوار ”سوجهرو“ آهي.                                                    

9 Comments »

  1. Muhammad Habib Sanai said

    سائين سڳورا اوهان جو نالو ڇا آهي، اهو ته هن سائيٽ تي هجي.
    حبيب سنائي

  2. sindhiblog said

    اميد ته شڪايت جو تدارڪ ٿيو هوندو

  3. Khalil laghari (Larkana said

    It is truely good service of you.I am khalil laghari,Telecom engineer PTCL and Your blog inspired me and I would do my best to play my role effectively.Keep u p the good work Ada!

  4. My dear Youngest Sindhi, I have no words to comments on your Blog or Intro, but I am certain that Still there is a spark in the Ash and this will wrap entire sleeping sindhi’s to woke them up. I am so impressed what ever you have said particularly being a student of matric. I am realy hypnotized from your words, had crushed my heart, wish Allah Jalshanahu, remaining sindhi’s will be feeling like me.
    Best wishes.

  5. drfarrukhhmalik said

    @Abdul Razzaq: Sain I think you have not read my intro properly, I am not a student of matriculation. I have done MBBS. If your appreciation is based on my age confusion then I am not worthy of it. Thanks for coming on my blog and keep coming!

    @Khalil Leghari: Thanks for the appreciation and support. Keep coming back!

  6. aliali said

    ادا اوهان جا ويچار پڙهي ڪري تمام سٺو لڳو ادا اوهان جي شخصيت اسان لا قابل احترام آهي ادا اوهان سنڌي ٻوليء لا جاکوڙي رهيا آهيو اها تمام سٺي ڳاله آهي شل آباد هجو ادا هي http://www.sindhsalamat.com اسان جو سنڌي فورم آهي اسان کي توهان جهڙن دوستن ۽ پيارن جي ضرورت آهي اوهان ضرور اچو هتي به ڪافي اديب دوست ۽ شاعر موجود آهن
    اوهان جو ڀاء علي علي

  7. Sallam Ada Aon Sindhi main web thaya tho per sindhi likhan na pai achi sindhi akhran ja code (tags ) deenda ta mehabani thenn di

  8. pml_functional@yahoo.com

  9. Bilal Chandio said

    salam, sindhi jee websites tay english jo istamal disi munjai lay bais sharmindgi ahea, asan sindhi khey agtay alhai agtay khari halan tha chiyo par nujawan pa he sindhi boli khee poitay piyo dhikay.. afsoos
    Bilal Chandio
    Qasimabad

RSS feed for comments on this post · TrackBack URI

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: