سنڌي ٻولي جي بقا جو سوال ۽ سنڌي نوجوان


ايڊنبرگ يونيورسٽي ۾ فلسفي جي پروفيسر اينڊي ڪلرڪ جي خيال ۾ ٻولي ثقافت جي ڪک مان ڦٽي نڪرندڙ هڪ ماسٽرپيس آهي. اينڊي پنهنجين لکڻين ۾ ٻوليءَ کي مينگروو جي وڻ سان ڀيٽيندي نظر اچي ٿي. سندس چوڻ آهي ته جيئين مينگرووجو ٻج پاڻيءَ ۾ ترندو رهندو آهي ۽ پوءِ ڪنهن جاءِ تي ٿوري گپ ۾ ڦٽڻ شروع ڪندو آهي، مٽي پنهنجو پاڻ ئي پاڙ کي مضبوط ڪندي آهي ۽ اهو وڻ وڌڻ ويجھڻ لڳندو آهي. ساڳئي ريت، ثقافت مان ٻولي جنم وٺندي آهي ۽ ٻولي اڳتي هلي ثقافت جي ٻوٽي کي تهذيب جي وڻ جي روپ ۾ نروار ڪندي آهي. ٻوليءَ جي اهميت اِتي ڇيھ نٿي ڪري ٻولي ته ڪنهن قوم لاءِ زندگيءَ جيان هوندي آهي. اڻويهين صديءَ جي جڳ مشهور امريڪي شاعراوليور وينڊل هولمز موجب ٻوليءَ خيال جي جسم ۾ رت جيان ڊوڙندي آهي. جيڪڏهن اسان ان ڳاله کي وٺون ته اهو چئي ٿا سگھون ته ٻولي ڪنهن به قوم لاءِ ترقيءَ جا نوان گَسَ کڻي ايندي آهي.اها ٻولي ئي هوندي آهي جيڪا ڪنهن به قوم لاءِ ان مضبوط پيڙھ جو ڪم ڪندي آهي جنهن تي ان قوم جي جياپي جو دارومدار هوندو آهي.
دنيا ۾ سوين ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. هڪ بين الاقوامي سروي موجب هر روز ڪا نه ڪا ٻولي مريو وڃي ٿي. انڪري ئي اڄ ٻولين جي جياپي جو سوال اٿاريو وڃي ٿو. عالمي ڌارا ۾ انگريزي هڪ سگھاري ٻوليءَ جي روپ ۾ سڃاتي وڃي ٿي جنهن کان سواءِ ڪو به ڪم ممڪن ٿيندو نظر نٿو اچي. اهڙي تيزرفتار دور ۾ جت انگريزي، فرانسيسي ۽ ٻين کوڙسارين ٻولين جو چوٻول آهي، ات سنڌي ٻوليءَ بابت به ڪجه خدشا ۽ سوال اٿن ٿا. ويجھي ماضيءَ ۾ اهو خيال عام ٿيندو نظر پئي آيو ته سنڌي ٻولي بدلجندڙ حالتن جو مقابلو نه ڪري سگھندي، پر وقت سر اهو خيال غلط ثابت ٿيو. اڄ اسان جي ٻوليءَ ۾ پنهنجا سيٽلائيٽ ٽي وي چئنل آهن جن وسيلي سنڌ جو آواز دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ٻڌو وڃي ٿو.
سنڌي چئنلن جي موجودگي جيتوڻيڪ سٺو سوڻ آهي پر اِتي سنڌي ٻولي جي آئيندي حوالي سان نوجوان نسل جي رويي کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي ڇو جو ڪنهن به قوم جي آئيدي ۾ نوجوان نسل ئي بنيادي ڪردار ادا ڪندو آهي.اڄ سنڌي نوجوانَ دنيا جي ڪُنڊڪُڙڇ ۾ پکڙيل آهن. توڙي اها مانچسٽر يونيورسٽي هجي يا هارورڊ، اسان کي هر هنڌ سنڌي شاگردَ پاڻُ مڃائيندي نظر ايندا پر، اِت ڪجه سوال ذهن ۾ اچن ٿا ته ڇا سنڌي نوجوانَ پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت تي فخر ڪن ٿا؟ ڇا کين اهو احساس آهي ته سندن ٻولي انهن لاءِ ضروري آهي؟ ان ڳاله تي سوچيندي مون جڏهن انٽرنيٽ وسيلي سروي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته کوڙ ساريون دلچسپ ڳالهيون سامهون آيون جيڪي اوهان سان شيئر ڪرڻ چاهيندس.
”ڪراچيءَ ۾ اڪثر سنڌي نوجوان اهو سمجھن ٿا ته سنڌي هڪ پٺتي پيل ٻولي آهي ان ڪري متبادل ٻولين جو سهارو وٺن ٿا. اهو رجحان ڇوڪرين ۾ وڌيڪ عام آهي جيڪي اردو ۽ انگريزيءَ کي وڌيڪ ترجيح ڏينديون نظر اچن ٿيون. مان ڪو ٻين ٻولين خلاف ڪونه آهيان پر ٻين ٻولين ڪري پنهنجي مٺي مادري ٻوليءَ کي ته نٿو وساري سگھجي.“ اهڙو خيال ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر نويد مهر ڪيوآهي. ان جي ابتڙ واٽرلو يونيورسٽي جي شاگردياڻي، ڪئينڊا ڄائي منيزا شاه جو خيال اهو آهي ته هوءَ سنڌي ان ڪري نٿي ڳالهائي جو سندس والدين ڪڏهن به کيس سنڌي سيکارڻ تي ڌيان ڪونه ڏنو آهي پر پوءِ به کيس سنڌي هجڻ تي فخر آهي. ساڳيو ئي خيال پاڙيسري ملڪ ۾ رهندڙ پوجا جو به آهي، هن جو چوڻ آهي ته سندس ملڪ اوله جو پولڳ آهي، انڪري اُتان جا سنڌي والدين اڪثر پنهنجن گھرن ۾ ٻارن سان انگريزي ڳالهائيندا نظر ايندا آهن. انهيءَ ڪري اتان جي نوجوانن کي پنهنجي مادري ٻولي سان گهڻو لڳاءُ ڪونهي. جيڪڏهن اسان يورپي ملڪن ۾ ڏسندا سي ته صورتحال مختلف ظاهر ٿيندي. انگلينڊ ۾ پڙهندڙ شهريارَ جو خيال اهو آهي ته سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ته سنڌي ٻوليءَ کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوشش ڪونه ٿي ڪئي وڃي پر وطن کان ڏور انگلينڊ ۾ سلسلو مختلف آهي. ان حوالي سان هو وڌيڪ چئي ٿو، ”مونکي اهو سمجھ ۾ نٿو اچي ته ڪراچيءَ ۾ مان الائي ڇو سنڌي ڳالهائڻ ۾ شرم محسوس ڪندو هيس. ان جي ابتڙ هت پنهنجي يونيورسٽي جي ٻين ڊپارٽمنٽن ۾ وڃي سنڌي دوستن سان ملندو آهيان ۽ سنڌيءَ ۾ ڪچهري ڪندو آهيان. هتان جا سنڌي پنهنجي ٻوليءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هميشه سرگرم رهن ٿا. “ شايد شهريار ديس کان دور رهندي ايئين محسوس ڪندو هجي پر ڪراچي جي حوالي سان جيڪا ڳاله ڪئي اٿائين سا ڀلي سئو سيڪڙو صحيح نه به هجي پر ڪنهن حد تائين ان ۾ سچائي ضرور آهي.ان حوالي سان ڪراچيءَ ۾ ئي هڪ غير سنڌي خانگي ٽي وي چئنل سان واسطو رکندڙ هڪ نوجوانَ جو چوڻ آهي ته هتان جي الٽرا امير ڪلاس ۾ شامل سنڌي وڏماڻهائپ ۾ اچي پاڻ کي سنڌي ظاهر ڪرڻ کان لنوائيندا آهن. سندس نظر ۾ اهڙو رويو قوميت سان ويساه گھاتي ڪرڻ برابر آهي.اسان ڳالهيون ڪيتريون به ڪيو، ڇَڙي بحث مان ڪڏهن ڪو نتيجو نڪتوآهي؟ پاڙيسري ملڪ ۾ رهندڙ اَجئي جو خيال آهي ته اسان ان بحث کي جيترو اِينگهائيندا سي اوترو وڌندو ويندو انڪري اسان کي سنڌي ٻوليءَ جي واڌويجه لاءِ عملي اپاءَ وٺڻ گهرجن. اَجئي جي ڳاله ۾ وزن آهي، واقعي جيڪڏهن اسان سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ جي هن تڪڙي دور ۾ اڳتي وڌنڌو ڏسڻ چاهيون ته اسان کي گهڻو ڪجه ڪرڻو پوندو.
مٿين بحث مان هڪ ڳاله ضرور واضح ٿي ٿِي ته سنڌي نوجوان پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت سان پيار ڪن ٿا ۽ فڪرمند به آهن. ات اسان کي پنهنجن ساڃاه وندن، اديبن۽ دانشورن جو ڪردارجڙندو نظراچي ٿو. اڄ سنڌي نوجوان سرپرستيءَ لاءِ واجهائن ٿا پر ڇا اسان جا دانشور سندن سڏ ۾ سڏ ڏين ٿا، شايد ها؟ شايد نه…اسان کي سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو. اسان کي ڏسڻو پوندو ته عالمي ڌارائون ڪهڙي ڏِسا ۾ وڃي رهيون آهن ۽ اسان ڪٿي بيٺا آهيون پوءِ ئي اسان کي پنهنجين ڪوتاهين جو اندازو ٿيندو. ڇا اسان پنهنجي نوجوان نسل کي پنهنجي ٻوليءَ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪي اُپاءَ ورتا آهن؟ ڪمپيوٽر کي ئي وٺون ته اسان کي خبر پئجي ويندي ته اسان ڪٿي بيٺا آهيو.اسان جا سنڌي نوجوان ڪمپيوٽر ته استعمال ڪن ٿا پر انهن ۾ ڪيترا اهڙا هوندا جيڪي سنڌيءَ ۾ ڪمپيوٽنگ ڪندا هوندا؟ شايد اَٽي ۾ لوڻ برابر! شابس هجي ادي ماجد ڀرڳڙي ۽ اهڙن ٻين ساڃاه وندن کي جيڪي جديد دور ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ پاڻ هرتو ڪوششون وٺندا رهن ٿا. انهن کي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به اداري جي ضرورت ڪونهي۽ ادارا شايد بي لوث هوندا به گهٽ آهن، پوءِ اهڙي صورتحال ۾ ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ ڇا ايئين ئي هٿ تي هٿ رکي ويهي رهجي؟ منهنجي خيال ۾ ته اسان سڀني کي ترجيحي بنيادن تي پنهنجو پنهنجو ڪردار متعين ڪرڻو پوندو. ان کان پوءِ ئي اسان هڪ نئي دور ۾ داخل ٿي سگهنداسين. اسان کي ٻوليءَ بابت جاڳرتا لاءِ عوامي سطح تي اسٽريٽ ٿيٽر، سيمينار، ورڪشاپن جهڙيون سرگرميون رٿڻيون پونديون.اسان کي گهڻ پاسائين حڪمت عملي جوڙڻي پوندي جنهن ۾ هر فرد پنهنجي صلاحيت جي آڌار تي ڪم ڪري سگهندو. اسان کي پنهنجن ادبي ادارن جو نئين حالتن مطابق نئون ڪردار متعين ڪرڻو پوندو. ٿلهي ليکي اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته جيسين اسان پاڻ پنهنجي حالت سڌارڻ لاءِ اڳتي نه وڌندا سي تيسين ڪوبه اسان جو ٻانهن ٻيلي ڪونه ٿيندو!
آخر ۾ مونکي جڳ مشهور پاپ اسٽار مائيڪل جئڪسن جو هڪ گيت ذهن ۾ گونجندو محسوس ٿي ٿو، جيڪو هن امريڪا جي نِيگرو آباديءَ جي احساسن کي اقتدار جي ايوانن تائين پهچائڻ لاءِ ڳايو هو:

All I wann say is that they dont really care about us

(مان صرف اهو چوڻ ٿو چاهيان ته واقعي کين اسان جي پرواه ڪونهي)

مائيڪل جئڪسن ته ٻن قومن جي حوالي سان ڳاله ڪئي هئي پر جيڪڏهن اڄ اسان پنهنجي ايندڙ نسل بابت نه سوچيو ته سڀاڻي متان اسان کي پنهنجن ڌرتي ڄاين کان ئي اهڙوڪو ڏکوئيندڙ جملو ٻڌڻو پئجي وڃي!

Comments (3)

مان پيار ڪيو آ

تون امانت ۾ خيانت ڪئي آ،
نه مان ته فقط پيار ڪيوآ.
تون بي ايمان آهين،
نه پيار منهنجو ايمان آهي.
تون ڪوڙن قبرستانن جو واسي آهين،
نه پيار منهنجو پرستان آهي.
تون معاشري لاءِ ناسور آهين،
نه پيار منهنجي لاٰءِ ناسور آهي.
تنهنجي نيت ۾ کوٽ آهي،
نه، نيتون پيار جون محتاج آهن.
تون فناھ ٿي ويندين ۽ ڪجھ به نه رهندو،
ها پر پيار ته لافاني آهي.

(پرزنر آف زينڊا جي ڪردارن روڊالف رسنڊل ۽ پرنسز فليويا جي نانءِ)

Comments (1)

منهنجو احوال

ڪافي ڏينهن ٿيا بلاگ لاءِ ڪجھه ڪونه لکيو آهي. ڪافي مصروف ٿو رهان انڪري. اڄ ڪالھ ڪراچيءَ ۾ آهيان. سي ايس ايس جي تياري ڪافي زورشور سان هلندڙ آهي. گذريل سال بس هڪ سبجيڪٽ ۾ ناپاس ٿيو هيس ۽ تياري به پوري ساري هئي خير هن دفعي حالت ڪافي بهتر آهي. هڪ دل گھري دوست چواڻي ته هميشه سٺي جي اميد رکڻ گهرجي ۽ بري لاءِ تيار رهجي، مان به اميد ٿو ڪيان ته سٺو پلئه پوندو ۽ بري لاءِ تيار آهيان. باَقي اوهان دوستن جون دعائن جو طلبگار آهيان.

Leave a Comment

منهنجو من منجهيل ڇو آ

ڪجھ ڏينهن کان ڪافي سست لڳو پيو آهيان. جڏهن کان لاڙڪاڻو ڇڏيو آهي مزو ئِي نه ٿو اچي. عجيب قسم جي نِستائيءَ کي منهن ڏيان پيو. ان ڪيفيت جو ڪارڻ شايد منهنجو ڪراچي شفٽ ٿيڻ وارو فيصلو آهي جنهن ڪري مان منجهيل آهيان پر ڇا ڪجي ان حوالي سان ڪو ٻيو رستو به ته ڪونه آهي جو سوچجي. هونءَ به ته گذريل تيرهن سالن کان گهر ڇڏيل آهي ۽ هاسٽلن جي ورِ چڙهيل آهيان. ها اِهو سچ آهي ته هاڻي مان ٻاهر رهندي رهندي اڪيلائيءَ کان تنگ اچي ويو آهيان، ڪاش ڪو جادو هجي ها جو مان جيڪي ڪجھ ڪرڻ چاهيان  ٿو اُهو هت خيرپور ۾ ئي رهي ڪري سگهان ها پر ڪنهن شاعر سچ چيو آ ته:
 

هزارون خاهشين ايسي ڪي هر خاهش په دَم نڪلي!

انهيءَ ڪري سوچيان ٿو ته ان ڳالھ کي نه سوچيان پر سوچ تي به ته وس ڪونه ٿو هلي!   

Leave a Comment

ڀليل آهيو


منهنجي هٿ ۾
زنجير ٻڌل ڏسي
مونکي قيدي ٿا ڀانئيو،
ڀليل آهيو،
مان ته قيدَ ۾ به آزاد آهيان ۽ اوهان

آزاديءَ ۾ قيد!
 

Comments (4)

Follow

Get every new post delivered to your Inbox.